اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ ميمبر جويريا ظفر ڪيس ۾ مڙس جي ضمانت منظور

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت پارلياماني سيڪريٽري جويريا ظفر تي حملي جي ڪيس ۾ سندس مڙس حيدر علي جي ضمانت واري درخواست منظور ٿي وئي آهي. ڪالهه اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان جوابدار حيدر علي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالتي حڪم تي جوابدار حيدر علي ڏيڍ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا.جوابدار جي وڪيل جو موقف آهي ته فريادڻ جويريا ظفر عهدي جو غلط استعمال ڪندي ڪيس داخل ڪرايو آهي. ياد رهي ته 2 فيبروري تي جويريا ظفر اسلام آباد جي وومين ٿاڻي ۾ ڪيس جي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته سندس حيدر علي سان 6 مهينا اڳ نڪاح ٿيو هو ۽ بعد ۾ مڙس سان معمولي جهيڙو ٿيو، جنهن تي عدالت مان خلع وٺڻ جو چيو ته مڙس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ فائرنگ ڪئي ته مون ڀڄي جان بچائي. اهڙي شڪايت تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button