اسلام آبادپاڪستان

هائوسنگ سوسائٽيز تي نيب اکيون بند نٿو ڪري سگهي:چيئرمين

اسلام آباد :نيب چيئرمين (ر) جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب اکيون بند نٿو ڪري سگهي. وقت سان نيب جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي ۽ ڪيس تيزي سان هلندا. ڪالهه قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته رهزن ۽ اڳواڻ جو فرق عوام کي پئجي ويو آهي. نيب ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. چانهه جي پيالي ۾ طوفان اٿي ويو ته نيب رڪوري ڪيڏانهن وئي، جيڪا زمين نيب خالي ڪرائي اها رقم جي صورت ۾ نه هئي. ريڪور ڪيل گاڏيون، زمين ۽ رقم ملڪيت جي صورت ۾ آهن. نيب جي ٽيم بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. جاويد اقبال چيو ته عوام جي جمع ڪيل رقم ڦري وئي، ان تي نيب اکيون بند نٿو ڪري سگهي. نيب جي ڪارڪردگي جو کلي دل سان جائزو ورتو وڃي. عالمي ادارا به نيب ڪارڪردگي جي تعريف ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي تلوار جا سياسي سبب به آهن ۽ فيٽف جي تلوار ڪيستائين لٽڪندي ان جي خبر ناهي. عدالتي تاريخ جو سڀني کان وڏو ڏنڊ مضاريه اسڪينڊل ۾ ڪيو ويو. نيب چيئرمين چيو ته هائوسنگ سوسائٽيز جيڪا ڦر مار ڪئي، ان تي نيب اکيون بند نٿو ڪري سگهي. نيب ۾ ڪرپشن جون شڪايتون سڀني کان گهٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button