پاڪستانسنڌ

گينگ ريپ ناهي ٿيو، نه ئي اگهاڙو ڪري گهمايو ويو:پوليس

ميرپورخاص/ نئون ڪوٽ: ميرپورخاص پوليس ڄاڻايو آهي ته نئون ڪوٽ واقعي ۾ عورتن سان ريپ ٿيو آهي، پر گينگ ريپ ناهي ٿيو ۽ عورتن کي اگهاڙو ڪري گهمائڻ واري الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ٻڌايو ته آهي ته عورتن سان گينگ ريپ ناهي ٿيو، نه ئي اگهاڙو ڪري گهمايو ويو آهي. نئون ڪوٽ جي ڳوٺ محمد حنيف راجپوت مان ٽنگڙي ڌر جي هٿياربندن هٿان اغوا بعد بازياب ڪرايل عورتن ۽ سندن وارثن وٽ ايس ايس پي ميرپورخاص ڪئپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري گهر پهتو، جتي هن متاثر عورتن سان ملاقات ڪري اجرڪ اوڍائي ۽ واقعي بابت تفصيل ورتا. هن وارثن ۽ متاثر عورتن کي خاطري ڪرائي ته اوهان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته 12 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، باقي مک جوابدار نظر علي ٽنگڙي ۽ نواز علي ٽنگڙي کي گرفتار ڪيو ويندو، پوليس اهلڪار گلزار ٽنگڙي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. بعد ۾ هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنگڙي ۽ راجپوت ڌريون هڪٻئي جي آمهون سامهون رهن ٿيون، سندن هڪٻئي سان واسطا هئا، راجپوتن جو ڇوڪرو مصطفيٰ ٽنگڙي جي هڪ ڇوڪري خورشيده کي کڻي ويو هو، جنهن بابت ٽنگڙين پوليس وٽ ڪا به رپورٽ داخل نه ڪرائي، بعد ۾ ٽنگڙين راجپوتن جون ٻه عورتون 18 سالن جي فضا ۽ 16 سالن جي ڪنول کي اغوا ڪري کڻي ويا، جن کي پوليس 4 کان 5 ڪلاڪن بعد بازياب ڪرائي ورتو هو. هن وڌيڪ چيو ته راجپوتن جي فرياد تي 20 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻه مک جوابدار نواب ۽ ٻيو نواز علي آهن، جن مان نواب کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته واقعي دوران عورتن سان گينگ ريپ ناهي ٿيو، بازياب ٿيل فصا بيان ڏنو آهي ته هن سان هڪ ماڻهو زيادتي ڪئي ۽ ڪنول به چوي ٿي ته ساڻس هڪ ٻئي شخص زيادتي ڪئي. گيپ ريپ ناهي ٿيو. هڪ سوال ته ايف آءِ آر ۾ ريپ جو قلم ناهي ۽ وارثن جو مطالبو آهي ته دهشتگردي جا قلم به لاڳو ڪيا وڃن جي جواب ۾ هن چيو ته جاچ جاري آهي، جيئن جيئن انويسٽيگيشن ٿيندي ويندي، وڌيڪ قلمن بابت ميڊيا کي آگاهي ڏني ويندي. هن چيو بازياب ٿيل عورتن جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي جهڏو سميت ٻين سينيئر آفيسرن ۽ سي آءِ اي پوليس کي ذميواريون ڏنيون ويون. هوڏانهن ميرپورخاص پوليس بيان جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته نئون ڪوٽ واقعي ۾ عورتن سان ريپ ٿيو آهي، پر گينگ ريپ ناهي ٿيو ۽ عورتن کي اگهاڙو ڪري گهمائڻ واري الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button