پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ لڳ شاگرد خودڪشي ڪري ڇڏي

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ويجهو ڳوٺ جيئند ڀاڻپوٽو ۾ ڇهين ڪلاس جي شاگرد مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. 13 سالن جي نور محمد ولد محمد ھاشم ڀاڻپوٽو پنهنجي ئي گهر ۾ واش روم مٿان رکيل نم جي ڪاٺي ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائٔي خودڪشي ڪئٔي، اطلاع تي نبي سر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن ڪيو. هوڏانهن وارثن موجب ته شاگرد نور محمد پنهنجي گهر وارن سان ڪنهن معمولي ڳالهه تان ناراض ٿي اهڙو انتهائي قدم کنيو. ٻئي پاسي شاگرد جي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button