اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 50 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون،4 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا جي پنجين لهر ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 50 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 601 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 253 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 91 هزار 518، سنڌ ۾ 5 لک 54 هزار 12، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 5 هزار 505، بلوچستان ۾ 34 هزار 910، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 987، اسلام آباد ۾ هڪ لک 32 هزار 161 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 41 هزار 68 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 70 هزار 161 ٿي ويو. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 55 لک 27 هزار 42 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 749 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هن وقت تائين 13 لک 54 هزار 298 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 731 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 50 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 29 هزار 601 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button