اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا جي صوبائي وزير شاهه محمد جي نااهلي جو فيصلو معطل

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخوا جي صوبائي وزير شاهه محمد جي نااهلي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران شاهه محمد جي نااهلي واري ڏنل فيصلي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته مامور خان وزير پاڻ مٿان حملو ڪري اليڪشن ڪميشن ۾ متاثر ڌر بڻجي ويو. هن شڪست ڏسي پنهنجي مٿان حملو ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شاهه محمد جي نااهلي جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي شنوائي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button