پاڪستانخيبرپختونخوا

توهين عدالت ڪيس ۾ فواد چوڌري ۽ فردوس اعواڻ معافي گهري ورتي

پشاور :پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي شنوائي دوران سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي. جسٽس روح الامين چيو ته جنهن جج جي دل آزاري ڪئي وئي، ان جي قبر تي وڃي دعا ڪريو ۽ معافي گهرو ته اسان عوامي نمائندا آهيون، اسان جي ذميواري وڌيڪ آهي. جسٽس روح االامين وڌيڪ چيو ته قانون ٺاهيندڙ قانون مان ڪڍي ڇڏين ته اسان ڪنهن جي خلاف به ڳالهائي سگهون ٿا. اوهان ذميوار ماڻهو اهڙي طرح جي زبان استعمال ڪندا ته عام ماڻهو ڇا چوندا. پشاور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي لکت ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس روح الامين چيو ته اوهان حلف نامو جمع ڪرايو، ان کان پوءِ اسان آرڊر ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button