اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن بي اعتمادي لاءِ ميمبر پورا نٿي ڪري سگهي:شيخ رشيد

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ لاءِ ميمبر پورا نٿي ڪري سگهي. اسٽيبلشمينٽ اڻ ڌري ۽ حڪومت سان گڏ آهي. سياست لاءِ ايندڙ پنجاهه ڏينهن اهم آهن، انشاءَالله عمران خان سرخرو ٿيندو. وفاقي گهرو وزير اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 14 فيبروري تي ايران جو گهرو وزير پاڪستان اچي رهيو آهي. 23 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان روس جي اهم دوري لاءِ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اپوزيشن 23 مارچ تي اسلام آباد ايندي نظر نه پئي اچي. اپوزيشن جي پيٽ ۾ وٽ پئجي رهيا آهن. فضل الرحمان جي سياست مختلف، پ پ ۽ ن ليگ جي مختلف آهي. هاڻ هي اسان جي اتحادين جا دروازا وڄائي رهيا آهن. اپوزيشن پنهنجي کٽ هيٺيان ٻوهارو گهمائي پنهنجا ميمبر پورا ڪري. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف نوازشريف کان وڏو ڪرپٽ آهي، نيب جي ڪيسن ۾ عدالتن وڏو وقت ورتو، هن وقت 70 ڪيس ميگا ڪرپشن جا آهن انهن جا فيصلا ٿيڻ گهرجن. ايندڙ ڏيڍ سال دوران انهن 70 ڪيسن جو فيصلو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عوام اسان کان چوري ٿيل پئسا ۽ ڦريل دولت واپس آڻڻ جون اميدون رکيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button