پاڪستانپنجاب

ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چوندڙ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن:وزيراعظم

فيصل آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ سڀ چور گڏجي ويا آهن، 20 سال اڳ هڪٻئي چور چوندا هئا. زرداري جو پيٽ ڦاڙي تحريڪ انصاف کي پئسو نه ڪڍڻو هو، جن کي پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻا هئا، اهي اڄ هڪٻئي سان ملي رهيا آهن. ڪالهه فيصل آباد ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آصف زرداري چوري جي چيڪ بڪ سان ماڻهن کي وٺڻ اچي ويو آهي. سڀني کي عمران خان جو خوف لڳل آهي، تڪڙ ٿا ڪن ته مون کي جلدي فارغ ڪن نه ته کين جيل موڪلي ڇڏيندس. انهن جي هوندي پاڪستان جو ڪو مستقبل ناهي، پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلڻ سان ملڪ جو ڪهڙو مستقبل ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاپڙ واري جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا اچي رهيا آهن، شهباز شريف جي تقرير جاب ايپليڪيشن هوندي آهي ته مون کي وري موقعي ملي وڃي. نواز شريف کي دل جي بيماري آهي پر ڏاڪڻ چڙهي رهيو آهي، پنهنجون فيڪٽريون ڏسڻ وڃي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ پئسو وارو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي ٿو پر غريب لاءِ علاج ڏکيو آهي. چورن جو ٽولو کنگهه جي علاج لاءِ به ٻاهر ويندو هو پر رياست غريب جي علاج لاءِ ذميواري نه کنئي، جن ماڻهن کي عوام جي علاج جي ذميواري کڻڻي هئي، اهي لنڊن وڃي رهيا آهن. هنن کي صرف منهنجو ڊپ آهي. زرداري صاحب چيڪ بڪ کڻي ماڻهن کي خريد ڪرڻ لاءِ نڪري پيو آهي. ڪڏهن ڪنهن سياستدان کي خريد ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي، هنن جي مرضي آهي ڪجهه به ڪن پر کين سزائون ضرور ملنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button