اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردن جي مددگارن ۽ باقيات کي ختم ڪنداسين:آرمي چيف

راولپنڊي : پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي مددگارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ 247 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، خاص طور بلوچستان ۾ تازن واقعن تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو آهي ته شرڪت ڪندڙن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته آرمي چيف دشمن قوتن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ حفاظتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو سفر طئي ڪيو آهي، فوج قوم جي حمايت سان هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو آهي. هن چيو ته امن جي بحالي لاءِ ڪيل ڪوششن کي دشمن هٿان ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button