اسلام آبادپاڪستان

بهترين ڪارڪردگي وارن وزيرن مان فواد چوڌري آئوٽ!

اسلام آباد : وزيراعظم 10 بهترين وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنا، جنهن ۾ سُڌ سماءُ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري جڳهه نه ٺاهي سگهيو آهي. اطلاعات واري وزير فواد چوڌري بهترين ڪارڪردگي وارن وزيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان سان گڏ ئي ان وزيرن ۾ پنهنجو نالو نه هجڻ جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آئون هن ڀيري ان لاءِ جڳهه نه ٺاهي سگهيس جو ڪارڪردگي انهن منصوبن تي عملدرآمد سان ڏٺي ويندي آهي جيڪا وزارت وزيراعظم آفيس کي ڏيندي آهي. هن چيو ته مان ڪجهه منصوبن ۾ مٽا سٽا ڪئي آهي جيڪي منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڀيري وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button