پاڪستانسنڌ

عمران مهانگائي ڪري عوام کي بيزار ڪيو آهي، لانگ مارچ ضرور ٿيندو:پاشا قاضي

حيدرآباد: حيدآباد ۾ پ پ پي ايس 66 جي گڏجاڻي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ اشهد قاضي، لالا رضوان مغل، امتياز چانڊيو، اعزاز پنهور، نصير سرور سلاوٽ، ايوب راجپوت، يونس قريشي، سهيل قاضي، انور شيخ، ممتاز چانڊيو ۽ عامر عمراڻي سميت وڏي انگ ۾ جيالن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاشا قاضي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻ بعد وفاقي سرڪار دهشتگردي وڌڻ جا راڳ ڳائي رهي آهي، طالبان ۽ نيازي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، هميشه جيان عوام لا جدوجهد ڪرڻ جي پ پ کي سزا ڏني ويندي آهي، اسان شهيدن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آهيون. هن چيو ته شيخ رشيد دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران لاچاري ڏيکاري پيو، هن کي وزارت ڇڏڻ گهرجي. عمران سرڪار مهانگائي ڪري عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي هن نيازي سرڪار کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لا بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ڏانهن ضرور لانگ مارچ ڪيو ويندو. ان کان اڳ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 27 فيبروري تي لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ لا پاشا قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلو حيدرآباد کان روانو ٿيندو. گڏجاڻي ۾ جيالن وفاقي سرڪار خلاف زبردست نعريبازي پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button