اسلام آبادپاڪستان

عمران جهڙي عذاب مان جان ڇڏائڻ سياسي پارٽين جو فرض آهي:مريم نواز

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جهڙي عذاب مان جان ڇڏائڻ سياسي پارٽين جو فرض آهي. عوام طرفان بي اعتمادي جي رٿ اچي چڪي آهي. عمران خان ۽ سندس ساٿي جڏهن عوام ۾ وڃن ته هيلمٽ پائي وڃن، عمران خان جي پارٽي اڄ کان پوءِ ڪٿي به نظر نه ايندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان جا ساٿي اقتدار جا ساٿي آهن. عمران خان جي ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهو ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. عمران خان کي پنهنجي ٻيڙي ٻڏندي نظر اچي رهي آهي. مريم نواز چيو ته اڃا ته هن جي ٻيڙي لڏي رهي آهي ته سندس ٻيڙي ۾ ويٺل پارٽي ميمبر هيڏانهن هوڏانهن رابطا ڪري رهيا آهن. اڄ تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي خبر پئجي چڪي آهي ته عوام کين ڪامياب نه ڪندو. عمران خان جي تقريرن ۾ اقتدار کي بچائڻ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. عوام جا هٿ اوهان جي ڳچي تائين پهچي چڪا آهن. هاڻ اوهان پنهنجو خير گهرو. هن چيو ته اهڙيون حالتون مهانگائي، دهشتگردي، بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن سبب پيدا ٿيون. موجوده حالتون بي اعتمادي جي رٿ لاءِ سازگار آهن. اسان بي اعتمادي جي رٿ تائين پهچي رهيا آهيون. وزيراعظم ڪير ٿيندو اهو پوءِ جو معاملو آهي. مريم نواز چيو ته قومي اسيمبلي جا ميمبر بي اعتمادي جي تحريڪ لاءِ تيار ويٺل آهن. سي اي سي اجلاس ۾ فيصلي جو اختيار نوازشريف کي ڏنو ويو. نوازشريف بي اعتمادي جي رٿ جي حق ۾ نه هو. هن چيو ته اسان جو تڪ عوام آهي، اسان قوم کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. جيڪڏهن اپوزيشن عوام جي رڙين تي لبيڪ نه ڪيو ته کين عوامي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ته ڪوڙ هلي ويندو آهي پر هميشه نٿو هلي سگهي. هڪ ڏينهن سچائي کي سامهون ضرور اچڻو آهي. ن ليگ باهه جو درياءَ پار ڪري آئي آهي.وزيراعظم جن وزيرن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا، ان ۾ اهم وزارتون شامل ئي ناهن. 15 سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ سان غريب کي کي وڌيڪ فائدو نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button