پاڪستانپنجاب

ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر اماڻڻو آهي،عمران خان جو حال به پرويز مشرف جهڙو ٿيندو:بلاول ڀٽو

ملتان : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پنهنجن 10 چمچن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا، هن جو حال به پرويز مشرف جهڙو ٿيندو. اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڀڳوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، عمران خان جو به اهو ئي حال ٿيندو. جڏهن اسان بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين تڏهن سمورو ملڪ ڏسندو. ڪالهه ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي نالائق حڪومت جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. هن جنگ ۾ عوام اسان سان گڏ آهي. اسان کي ملي اها جنگ وڙهڻي آهي ۽ سليڪٽڊ ڪٺ پتلي نظام جي خاتمي جو بندوبست ڪرڻو آهي. هن چيو ته پ پ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ، گئس جي بحران ۽ کنڊ بحران تي احتجاج ڪيو. جڏهن ته يوريا بحران اڃا تائين هلي رهيو آهي. هاري مارچ، ٽريڪٽر مارچ تي اوهان کي شاباش ڏيان ٿو. اسان نااهل حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ هلائي آهي. اسان اسلام آباد پهچي وزيراعظم کان حساب وٺنداسين. حڪومت جي نااهلي بي نقاب ڪنداسين. اسان کي ملي ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر اماڻڻو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ هنن جي هڪڙي وڪيٽ ڪري چڪي آهي. ڪراچي جو هڪ وزير پهريان نوڪري پوءِ وزارت مان ڪڍيو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ عمران خان پاڻ ئي پنهنجي وزيرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا هئا، 10 دادلن کي عمران خان سرٽيفڪيٽ ڏنا ۽ باقي وزيرن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو. هڪ اهو وزير آهي جنهن سي پيڪ منصوبي کي تباهه ڪيو، ان کي به سرٽيفڪيت ڏنو ويو. اسان جي پرڏيهي وزير کي هڪ به سرٽيفڪيٽ ناهي مليو. عمران خان ملتان سان ناانصافي ڪئي. بلاول وڌيڪ چيو ته تبديلي جي نالي تي تباهي ڪئي پئي وڃي. ماضي جي ڪرپشن جي راڳ کان سواءِ ٻئي ڪابه ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي. تاريخ جي سڀني کان وڏي ڪرپشن خان صاحب ڪئي آهي. هي اسان کي ۽ اسان جي مخالفن کي چور چئي رهيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري بيماري باوجود پاڪستان جي زمين تي موجود آهي. آصفا به موجود آهي، اوهان کي جيڪي الزام لڳائڻا آهن ڀلي لڳايو، اسان بري ٿي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button