پاڪستانسنڌ

49 سالن جي عامر لياقت جي 18 سالن جي ڇوڪري سان ٽي شادي

ڪراچي:پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ مشهور ٽي وي ميزبان عامر لياقت حسين ٽئين شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.انسٽاگرام پوسٽ ۾ 49 ورهين جي عامر لياقت حسين ٽئين شادي جو اعلان ڪيو جيڪا 9 فيبروري تي ٿي. هن پوسٽ ۾ ٻڌايو ته 18 ورهين جي سيده دانيا شاهه ڏکڻ پنجاب جي علائقي لوڌران جي هڪ سادات گهراڻي سان واسطو رکي ٿي. عامر لياقت ٽئين شادي جو اعلان ان وقت ڪيو جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ طوبيٰ انور تصديق ڪئي هئي ته هن عامر لياقت حسين کان خلع وٺي ڇڏي آهي. عامر لياقت حسين جو چوڻ آهي ته سندس شادي ذريعي ٻه قومون مهاجر ۽ سرائيڪي هڪ ٿي ويا، جيڪي ماڻهو ٻي شادي جا خواهشمند آهن اهي پنهنجي پهرين زال کان نه پر الله کان ڊڄن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عامر لياقت چيو ته اسلام وڌيڪ شادين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، ماڻهو پهرين زال کان ڊڄي ٻي شادي نٿا ڪن، جيڪي ٻي شادي ڪرڻ چاهين ٿا اهي زال کان نه الله کان ڊڄن. هن چيو ته وٽس چوٿين شادي جي گنجائش به موجود آهي. پاڪستان ۾ مردن کي ٻي، ٽئين ۽ چوٿين شادي جي اجازت ڏني وئي. شادي ٿي وڃي تڏهن به انسان ٻين ڏانهن ڏسندو آهي، ان لاءِ وڌيڪ شادين جو حڪم ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button