اسلام آباد : ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي جيتري قيمت وڌي، اسان ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ وڌائي آهي. سعودي عرب جي قرض واپس ڪرڻ جو ٽائيم فريم هڪ سال آهي، ضرورت پئي ته قرض واپس ڪرڻ جي مدي ۾ واڌ به ڪري وٺنداسين. ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ناڻي روانگي وڌي رهي آهي. واپاري خساري ۾ 1 ڏهائي 5 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي. فيبروري ۽ مارچ ۾ وڌيڪ گهٽجي ويندو. جمعي تي سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران رخسانا زبيري، ڄام مهتاب، افنان الله ۽ مشتاق احمد جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ۾ وياج جي شرح وڌي رهي آهي، دوست ملڪن کان جيڪو قرض ورتو ويو آهي، اهو آئي ايم ايف ۽ ٻين ادارن جي وياج جي شرح جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽ ۽ ناڻي روانگي ۾ اضافو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا وڌڻ سان اميد آهي ته دوست ملڪن کان ورتل قرض ۾ واڌ نه ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته دنيا ۾ تيل اسم، کاڄرو تيل، ڪوئلو ۽ اسٽيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. 2 ارب ڊالر جي ويڪسين ٻاهران گهرائي وئي آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ به ٻاهران گهرائي وئي آهي. ان کان سواءِ داليون به ٻاهران گهرائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 28 مان 27 حدف مڪمل ڪري ورتا آهن، صرف هڪ شرط سبب اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اسان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي اها اسان سان زيادتي آهي. اسان جي بدران ڪوئي ٻيو ملڪ هجي ها ته صرف هڪ شرط جي ڪري ان کي گري لسٽ ۾ نه رکيو وڃي ها. اميد آهي ته پاڪستان گري لسٽ مان ايندڙ جائزي ۾ نڪري ايندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close