اسلام آباد :گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر کي ملندڙ پگهار ۽ مراعتن جا تفصيل سامهون اچي ويا. گورنر اسٽيٽ بينڪ کي ملندڙ پگهار جا تفصيل سينيٽر عرفان صديقي طرفان پڇيل سوال تي فراهم ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت طرفان ڏنل تفصيل موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر کي ماهوار 25 لک رپيا پگهار ملي رهي آهي ۽ سندس پگهار ۾ ساليانو 10 سيڪڙو واڌ ٿيندي آهي. ناڻي وزارت موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ کي فريشڊ گهر يا ان برابر ڪرايو ۽ مرمتي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، وٽس ڊرائيور سميت ٻه گاڏيون آهن جڏهن ته 600 لٽر پيٽرول ڏنو ويندو آهي. ناڻي وزارت موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ کي بجلي، گيس، پاڻي ۽ جنريٽر جا خرچ ڏنا ويندا آهن ۽ سندن ٻارن جي 75 سيڪڙو في ادا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته گورنر اسٽيٽ بينڪ کي مفت لينڊ لائين، موبائيل فونز ۽ انٽرنيٽ جي سهولت آهي. ناڻي وزارت ٻڌايو ته گورنر اسٽيٽ بينڪ 4 ملازم رکي سگهي ٿو ۽ هر ملازم جي پگهار 18 هزار رپيا ماهوار آهي. ٽرانسفر تي کيس ڪٽنب سميت ايئر ٽڪيٽ ۽ سامان منتقلي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته گورنر اسٽيٽ بينڪ کي ڪلب جي ماهوار چارجز سميت سهولت حاصل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close