
اسلام آباد : سينيٽ ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان وزيراعظم پاران ايوارڊ نه ملڻ تي ڌٻيل لفظن ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته 12 رانديگر به هتي موجود آهي جواب ڏيڻ لاءِ. جمعي تي علي محمد خان چيو ته ڪارڪردگي ۾ به 12 هين نمبر تي آيو آهيان، ڏٺو وڃي ته 12هون رانديگر آهيان، جنهن سوال جو به جواب ڏيان 12 هون رانديگر 12 هون ئي رهندو.