اسلام آبادپاڪستان

هفتي دوران گيهه ۽ چانورن سميت 16 عام واهپي جون شيون مهانگيون

اسلام آباد :ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهيو. شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب 16 عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. جڏهن ته 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران زنده ڪڪڙ جو اگهه 11 ڏهائي 49 رپيا في ڪلو گرام جي واڌ سان 214 رپيا 88 پئسا في ڪلو ٿي ويو. جڏهن ته ٿوم جو اگهه 23 ڏهائي 29 روپيا اضافي سان 354 روپيا في ڪلو ٿي ويو. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران سرنهن واري تيل جي قيمت ۾ 3 روپيا 84 پئسا في ڪلو ۽ گيهه جي قيمت ۾ 3 روپيا 84 پئسا في ڪلو واڌ ٿي وئي، جنهن بعد گيهه جو في ڪلو 404 روپين کان وڌي ويو. گوشت جي قيمت ۾ سراسري طور تي 4 روپيا اضافو ڏٺو ويو. جڏهن ته هڪ هفتي دوران ڪيلا، چانور، لوڻ ۽ صابڻ به مهانگا ٿي ويا. ان کان علاوه پٽاٽا 11 روپيا في ڪلو ۽ بصر 1 روپيا في ڪلو سستو ٿي ويو. جڏهن ته بيضا 3 روپيا 39 پئسا في درجن سستا ٿي ويا، چڻن جي دال، ماش جي دال، اٽو ۽ مسور جي دال جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي. هڪ هفتي دوران کنڊ هڪ روپيو 29 پئسا في ڪلو ۽ گهريلو ايل پي جي سلينڊر 35 روپيا 32 پئسا سستو ٿي ويو. رپورٽ موجب هفتيوار مهانگائي معمولي گهٽتائي کان پوءِ 18 ڏهائي 48 سيڪڙو ٿي وئي. سڀ کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي جي شرح 20 ڏهائي 25 سيڪڙو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button