پاڪستانسنڌ

عمران دور ۾ سنڌ سان ناانصافين جي تاريخ رقم ڪئي وئي آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي: وفاقي ترقياتي اسڪيمن ۾ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز ڪرڻ تي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. ماحوليات کاتي واري صوبائي وزير اسماعيل ان سلسلي ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ سنڌ سان ناانصافين جي تاريخ رقم ڪئي وئي آهي. اسماعيل راهو چيو ته سڀ کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ سنڌ صوبي کي عمران حڪومت ترقياتي اسڪيمن کان محروم رکيو ويو آهي، عمران حڪومت ٻڌائي ته سنڌ کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان ترقياتي اسڪيمون گهٽ ڇو ڏنيون آهن. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته پنجاب کي 24 ارب 33 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪي پي ڪي کي 13 ارب 18 ڪروڙ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ڏنا ويا. سنڌ کي سڀ کان گهٽ رقم 5 ارب 70 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button