اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي افغانستان جي اثاثن بابت آمريڪي فيصلي تي خدشا

اسلام آباد :پاڪستان آمريڪا ۾ منجمد افغانستان جي 7 ارب ڊالرز بابت آمريڪي فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آمريڪي صدر افغانستان جي منجمد 7 ارب جي اثاثن بابت ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون هيون. آمريڪا اڌ رقم نائن اليون متاثرن لاءِ مختص ڪئي ۽ اڌ رقم مان افغان ٽرسٽ فنڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. آمريڪا جي اهڙي فيصلي تي پاڪستان خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي منجمد اثاثا افغان ملڪيت هئا ۽ آهن، هن رقم جي استعمال جو فيصلو ڪرڻ جو حق رڳو افغانين وٽ آهي. سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانين جي مدد ڪئي وڃي جيئن افغانستان جي ماڻهن کي پيسن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button