پاڪستانپنجاب

بجلي عوام جي وس کان ٻاهر ٿي وئي آهي: مريم نواز

لاهور: نيپرا طرفان 3 روپيا 10 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي. (ن) ليگ جي نائب صدر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته هي واحد حڪومت آهي جنهن ۾ عوام پنهنجي خلاف لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ روزاني واڌ سان بجلي عوام جي وس کان ٻاهر ٿي وئي آهي. هن چيو ته عوام کان ماني ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون ڦرڻ کان پوءِ هاڻ نااهل حڪومت عوام کان روشنيون به ڦري وئي جيڪي نوازشريف موٽايون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button