اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 41 ڄڻا فوت،3 هزار 206 نوان مريض ظاهر

اسلام آباد:ڪرونا جي پنجين لهر وڌيڪ 41 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 206 مريض سامهون اچي ويا. ان حوالي سان اين سي او سي موجب ڪرونا وگهي هينئر تائين ٿيندڙ فوتگين جو انگ 29 هزار 772 ٿي ويو آهي. 14 لک 83 هزار 79 شهري وبا مان متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته ڪرونا جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 78 هزار 398 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 55 هزار 304 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا. گڏيل طور تي هيل تائين سموري ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 57 لک 51 هزار 321 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن ڪرونا جا 4935 مريض صحتياب ٿيا، جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙن جو گڏيل انگ 13 لک 75 هزار 628 ٿي ويو آهي. ڪرونا وگهي متاثر 1623 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button