پاڪستانپنجاب

عدم اعتماد منٿن سان ناهي ايندو،اپوزيشن آڻي ئي نٿي سگهي:فواد چوڌري

منڊي بهاءُ الدين :سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌر چيو آهي ته عدم اعتماد منٿن ۽ سازشن سان ناهي ايندو، مخالف ڌر ۾ اها سگهه نه آهي، اهي عدم اعتماد نٿا آڻي سگهن. شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحمان جي ڪا سياسي حيثيت نه آهي، پاڪستان جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي. ملڪ انهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي. پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن، پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي لاءِ ڪنٽينر ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو، نواز شريف ۽ مريم صفدر سزا يافتا ڏوهاري آهن، مقصود پٽيوالي وارو ڪيس به جلد شروع ٿيندو. اسان جي خواهش آهي ته اهي ڪيسز ماڻهن کي سڌو سنئون ڏيکاريا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو. عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي لاءِ تاريخي ترقياتي پئڪيجز ڏنا، اڄ انهن علائقن ۾ رستن ۽ يونيورسٽي جي تعمير سان ترقي جو هڪ نئون سفر شروع آهي. سرائي عالمگير کان منڊي بهاءُ الدين ۽ للا کان جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي سان علائقي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. هن چيو ته اسان هيلٿ ڪارڊ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وچولي طبقي جي صحت جا خرچ هاڻي حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جي مشينري جي درآمد ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن ملڪ جون معاشي حالتون صحيح ٿين ٿيون ته مختلف سياسي ڪوئا نڪري گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته ملڪ انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي جن جي ڪري ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد چيو ته چوڌري ڀائرن جو سياسي ڊيرو آهي، اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ لڳل رهي ٿو. مخالف ڌر کي پي ايم ايل ڪيو کان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز تي ڪنهن چينل کي هلائڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهجي، ڪنهن صحافي کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، صحافين جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار نواز شريف آهي. اهي عالمي سطح تي اهڙا معاهدا ڪري ويا آهن جن جي ڪري اڄ بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button