اسلام آبادپاڪستان

خاتون اول بشريٰ بيگم جي دوست فرح خان طرفان سمورن افواهن جي ترديد

اسلام آباد :خاتون اول بشريٰ بيگم جي دوست فرح خان سمورن افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته خاتون اول منهنجي گهر بلڪل نه پئي رهي، هو بني گالا اسلام آباد ۾ آهي. فرح خان ٽوئيٽر تي پيغام چيو آهي ته سياست ۾ ايترو به هيٺ نه وڃڻ گهرجي جو ماڻهن جي ذاتي زندگين بابت ڪوڙ ڳالهايا وڃن. هن قوم کي حقيقت کان آگاهه ڪندي چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل واٽ ايپ ميسيجز جي ذريعي وزيراعظم ۽ خاتون اول بابت ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. بشريٰ بي بي منهنجي گهر نه پر پنهنجي گهر بني گالا ۾ ئي موجود آهي. ٻئي پاسي شهباز گل خاتون اول بابت ڪوڙيون خبرون ڦهلائيدنڙن جي خلاف قانوني رستي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته خاتون اول هڪ سال ۾ رڳو هڪ هفتي لاءِ لاهور وئي، گذريل ڪجهه مهينن کان خاتون اول لاهور ناهي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button