سنڌ

نواب ولي محمد ۾ 5 شهيدن جون ميتون رکي ڌرڻو جاري,مظاهرن ۽ هڙتال جو سڏ

واب ولي محمد ڀرسان ڪچي جي ديھه ٻنڀائي ۾ 8 سئو ايڪڙ زمين تي قبضي بعد پوليس جي موجودگي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل پنج ڳوٺاڻن اياز ڀنڊ، پيرسن شير محمد عرف ٽوهه ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، معشوق ڀنڊ جا لاش وارثن نواب ولي محمد ۾ نيشنل هاءِ وي تي رکي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو. جڏهن ته پوليس ڪيس داخل نه ڪيو. هوڏانهن ميتن کي ڌرڻي واري ھنڌ غسل ۽ ڪفن ڏئي گرمي کان بچا لا برف ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته سوڳ ۾ نواب ولي محمد شهر بند رھيو. ڌرڻي دوران ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته مظلوم مقتولن جي قتل جو ڪيس پوليس داخل ڪرڻ ۽ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهنڪري اڄ سڄي سنڌ ۾ سموريون پارٽيون مظاهرا ڪنديون ۽ سڀاڻي اڱاري تي شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button