سنڌ

سکر ۾ بئنڪن جا پئسا کڻندڙ گاڏي مان 5 ڪروڙ روپيا چوري

سکر ۾ مختلف بئنڪن جا پئسا کڻندڙ گاڏي مان 5 ڪروڙ روپيا چوري ٿي ويا، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ نجي بينڪ جي سيڪيورٽي گاڏي ۾ رکيل 5 ڪروڙ روپين جي رقم نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، اطلاع ملڻ تي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي آفيس پهچي معاملي جي جاچ ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي ته مختلف بينڪن ۾ پئسا کڻي پهچائيندڙ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي جمعي جي ڏينهن ڪمپني جي آفيس ۾ بيٺي هئي جنهن کي سومر ڏهاڙي ٻي بينڪ ۾ پئسا پهچائڻا هئا، رات جو دير سان نجي ڪمپني جي آفيس ۾ نامعلوم چورن داخل ٿي پئسن سان ڀريل سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي مان 5 ڪروڙ روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جانچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button