اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان، اوگرا سمري اماڻي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت طرفان پيٽرول شين جي اگھن ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ جو امڪان آهي، اوگرا پيٽرول ساڍا 8 رپيا مهانگو ڪرڻ جي سمري موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب 16 فيبروري کان پيٽرول شيون مهانگيون ٿي وينديون، اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ پيٽرول ساڍا 8 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙيءَ طرح سمري ۾ ڊيزل کي ساڍا 5 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو به چيو ويو آهي. ذريعن موجب واڌ جي سفارش موجوده ليوي جي بنياد تي ڪئي آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ليوي وڌائي ته واڌ ان کان وڌيڪ بڻبي پر پيٽرول شين تي ليوي ۾ وڌيڪ گھٽتائي جا امڪان آهن. ذريعن موجب اگھن بابت فيصلو وزيراعظم ڪندو جنهن جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button