پاڪستانسنڌ

ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اپوزيشن اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته گھٻرايل ماڻهن کي نيٺ چوڌري شجاعت حسين جي صحت جو خيال اچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو هائيڊرو پاور ڊولپمينٽ بابت ڪوٺايل بين الاقوامي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم سٺي سائٽ آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڀائرن کي ڪالاڊغ ڊيم تي قائل نه ڪنداسين ته ملڪ مخالف قوتون کين استعمال ڪنديون، پاڪستان مخالف قوتون انهن کي چونديون ته توهان جو پاڻي چوري ٿي ويو آهي. هن ڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ مهم هلائڻي پوندي، کين سائنٽفڪ طريقي سان ٻڌائڻو پوندو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان کين نقصان نه فائدو ٿيندو، ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪالا باغ ڊيم شروع ڪنداسين ته ڏڦير پيدا ڪندڙ کين استعمال ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button