پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، الرحمان ٽيم فائنل کٽي ورتو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ آل سنڌ شھدا پاڪستان ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ الرحمان ڪرڪيٽ ڪلب ۽ البخاري ڪرڪيٽ ڪلب ۾ پي سي بي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جنھن ۾ پ پ اڳواڻ اورنگزيب مري، قادر داد مري، معشوق نظاماڻي، ايس ايڇ او سانگهڙ مقصود رضا مڱڻھار، امير چانڊيو، راجيش ڪمار هردساڻي، مرزا اشفاق بيگ ۽ قدير مغل سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. پهريان بيٽنگ ڪندي البخاري ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 140 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، موري جي ٽيم ۾ بهترين بيٽنگ ڪندي محمد حسن 83 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ الرحمان ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 19 اوورن ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪيو. ابيجيت، فيضان ۽ شھباز نظاماڻي بهترين بالنگ ۽ بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميچ کٽڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. پ پ اڳواڻ اورنگزيب مري ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ بهترين رانديگرن ۾ شيلڊون ۽ روڪ انعام ورهايا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اورنگزيب مري چيو ته عبدالرحمان خاصخيلي کي سانگهڙ ۾ بهترين ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي جس پيش ڪريان ٿو. پ پ هميشه راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button