پاڪستانسنڌ

سيتار روڊ ۾ پورهيت جي قتل خلاف ڊگهڙي ۾ مظاهرو

ڊگھڙي: سيتا روڊ ۾ پوليس هٿان قتل ٿيل پورهيت غلام عباس برھماڻي جي قتل خلاف ڊگهڙي ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ پورهيت اڳواڻن ياسين برهماڻي، محمد عثمان برهماڻي، فدا نوحاڻي، يامين برهماڻي ۽ شمن برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته سيتا روڊ ۾ رڪشا هلائي پنهنجي ٻارن جو پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت غلام عباس برهماڻي کي ايس ايڇ او ڪابل ڀيو بناجواز رات جي اونداهي ۾ ٽي وڳي ڌاري گرفتار ڪري کيس ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو، جيڪو ظلم آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، بيگناهھ ماڻھن کي قتل ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي. هنن سنڌ ها ڪورٽ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل پوليس آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button