پاڪستانسنڌ

ايريگيشن ملازمن جي کپري کان عمرڪوٽ تائين ريلي

غلام نبي شاهه: غلام نبي شاھه ۾ ايريگريشن جي ملازمن پاران ميرٽ جي لتاڙ ۽ سياسي ڀرتين خلاف کپري کان عمرڪوٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن ۽ ملازمن فرش ڪئنال وٽ پيادل ريلي جي اڳواڻي پرماٽ فيلڊ ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري حيدر بخش گجو، عبدالله رونجھو، سلام شر، خان محمد نظاماڻي، لال محمد راڄڙ ۽ اوڀايو ھنگورجو ڪئي، ملازمن ۽ اڳواڻن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ميرٽ جي لتاڙ ۽ سن ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ سياسي ڀرتين خلاف اسان سانگھڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي کپرو کان عمرڪٽ وڃون پيا، سنڌ سرڪار ايريگشن جي ملازمن جي ڀرتين جا اختيار ڊي سيز کي ڏيڻ بدران ايريگيشن جي عملدارن کي ڏنا وڃن، انجنيئر جمڙائو ڊويزن جي ننڍن ملازمن جو بدليون ڪنھن به صورت ۾ منظور ناھن، جن ماڻھن کي ايريگيشن نظام جي خبر ئي ناھي، انھن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافي ختم ڪرائڻ لاَ پر امن احتجاج ريلي ڪڍي آھي، وڏو وزير مراد علي نوٽيس وٺي مطالبا منظور ڪري انصاف ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button