سنڌ

تحريڪ انصاف به اسٽيل مل کي بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام

تحريڪ انصاف پاران ٻين ادارن جي بحالي ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو ڪري ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جي ٻي دعويٰ سان گڏ پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي واري دعويٰ به ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي، ساڍا 3 سال تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٿيڻ جي باوجود پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي ته ممڪن نه بڻجي سگهي پر اسٽيل مل مان 7 هزار پورهيتن کي جبري بيدخل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته باقي بچيل 35 سئو ملازمن جو به مستقبل خطري ۾ آهي، پاڪستان اسٽيل مل جو خسارو 5 سئو ارب رپين کان به وڌي چڪو آهي، اسٽيل مل جو خسارو پيپلز پارٽي جي حڪومت کان شروع ٿيو، جيڪو وڌندو نواز شريف جي حڪومت ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي گيس، بجلي، پاڻي جي بند ٿيڻ تائين اچي پهتو، جون 2015 نواز شريف جي حڪومت ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي گيس بند ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 2018 جي چونڊن کان اڳ موجوده وزيراعظم عمران خان، موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ موجوده وفاقي وزير اسد عمر پاڪستان اسٽيل مل جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، جن 2018 جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ وفاقي حڪومت ٺهڻ شرط ئي سڀ کان اول پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي جو اعلان ڪيو هو، ان اعلان تي اڄ ڏينهن تائين عملي طور عمل نه ٿي سگهيو، پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي بدران پاڪستان اسٽيل مل کي نجڪاري جي هٿن ۾ ڏيڻ واري ڪوشش به اڃا تائين ڪنهن حد تائين مڪمل ٿيندي نظر نٿي اچي، ملڪ ۾ لوهه جي پيداوار ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندڙ اداري جي بحال نه ٿيڻ سبب هزارين خاندان فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پورهيت يونين جي اڳواڻ شوڪت ڪورائي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل مل اڄ به بحال ٿي سگهي ٿي پر تبديلي پسند جو ڪوڙو نعرو هڻندڙ تبديلي پسند سرڪار اسٽيل مل جي بحالي کي يقيني بڻائڻ بدران اسٽيل مل جي تباهي ڪري ڇڏي آهي،اسٽيل مل جي مک پلانٽن تان چوري ٿيڻ عام آهي، جنهن سبب اسٽيل مل کي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته 7 هزار خاندانن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، اسان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ آهيون. هنن چيو ته جيڪڏهن اسٽيل مل جي بحالي کي يقيني نه بڻايو ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر زبردست تحريڪ هلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button