اسلام آبادپاڪستان

مشرف جو ڪيس نيب لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: چيف جسٽس اسلام آباد ها ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس قومي احتساب بيورو (نيب) لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. نيب طرفان پرويز مشرف جي خلاف اثاثن جي انڪوائري نه ڪرڻ تي نيب چيئرمين جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. نيب طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو هو پر انڪوائري ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي. نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي خلاف 15 مارچ 2018ع تي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، پرويز مشرف جي پرڏيهه ۾ موجود پراپرٽي ۽ اڪائونٽن جي تفصيلن لاءِ ايم ايل اي لکي ڇڏيو هو، لاڳاپيل اٿارٽيز طرفان هن وقت تائين جواب جو انتظار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button