سنڌ

نواب ولي محمد ۾ ڌرڻو جاري،سانحي خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

نواب ولي محمد ۾ پنج ڳوٺاڻن جا لاش رکي نيشنل ها وي تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته سانحي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا. خبر موجب نواب ولي محمد ڀرسان ديھه ٻنڀائي جي ڪچي ۾ زمين تي قبضي بعد پوليس جي موجودگي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل پنج ڳوٺاڻن اياز ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، ٽوهه فقير ڀنڊ جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڪالهه ٽئين ڏينهن به نواب ولي محمد ۾ نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو جاري رکيو. ايس يو پي صدر سيد زين شاهه، ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ شير محمد رند، ام رباب چانڊيو، حليم عادل شيخ، مهر ڊٻائي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، راشد محمود سومرو، ن ليگ اڳواڻ نازو ڌاريجو، فيروزه لاشاري، ن ليگ اڳواڻ نيلم ڪماري، مولانا اسد الله کهڙو، سيد مسرور شاهه، سماجي اڳواڻ سنڌو ڏاهري، پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي چيئرمين سرائي نياز حسين خاصخيلي، سنڌ ھاري ڪميٽي جي ثمر حيدر جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي سڀاني ڏاهري سميت هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button