پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي لڳ اسڪول جي زبون حالي ۽ تدريسي عمل نه ھلڻ خلاف ڳوٺاڻن مظاھرو ڪيو

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي لڳ يوسي جيئندل ڪوٽ جي ڳوٺ ھوت خان جکرو جو 30 سال پراڻي اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار آهي ۽ تدريسي عمل نه ھلڻ خلاف ھتان جي رھواسين غلام قادر جکرو، سجاول جکرو، ابن جکرو، سيد علي اصغر شاھه، يار محمد جکرو، غلام محمد جکرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسڪول جي زبون حالي جي ڪري ھتي تدريسي عمل ٺپ پئجي ويو آھي، تعليمي عمل نه ھئڻ ڪري ٻارڙن جو مستقبل اونداھه ڏانھن وڌي رھيو آھي.

ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت 30 سال پراڻي آهي، جيڪا ھاڻ زبون حال بڻجي وئي آهي، ھنن گھر ڪئي ته ڳوٺ ھوت خان جکرو جي بوائز پرائمري اسڪول جي زبون حال عمارت جي جڳھه تي نئين عمارت تعمير ڪرائي تدريسي عمل ھلايو وڃي ته جيئن ھتان جا معصوم گلن جھڙا ٻارڙا بي خوف ٿي تعليم پرائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button