سنڌ

سنڌ حڪومت نمرتا ۽ نوشين ڪيس ۾ قاتلن جي سهولتڪار آهي: ايس ايس ٽي

حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عاطف ملاح، سيڪريٽري غلام علي زئور، اياز صالح ۽ نويد ڪلهوڙو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نمرتا ۽ ڊاڪٽر نوشين جي قتلن جي جاچ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ حراسان ڪرڻ جي الزامن هيٺ آيل وائيس چانسلر کي شامل ڪري سازش ڪئي پئي وڃي.

سنڌ حڪومت ڊاڪٽر نمرتا ۽ نوشين ڪاظمي جي قتلن ۾ هڪ ته پهرين ڏينهن کان وٺي قاتلن جي سهولتڪار بڻيل آهي ته ٻئي پاسي پاڻ حراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل قائد عوام يونيورسٽي جي وي سي سليم رضا سمون کي ڊاڪٽر نمرتا ۽ نوشين جي خونن جي جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ سرڪار قاتلن، جلادن، نياڻين کي حراسان ڪندڙن جي سرپرست بڻيل آهي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ڊاڪٽر نمرتا ۽ نوشين جي قتلن جي جاچ ڪميٽي ۾ حراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل وي سي سليم رضا کي هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button