اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 27 ڄڻا فوت،10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن شهرن ۾ نرمي

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪرونا جي 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن شهرن ۾ پابنديون نرم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪرونا وگهي وڌيڪ 27 مريض فوت ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ اين سي او سي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪرونا جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ پابنديون برقرار رهنديون، جن ۾ گلگت، مظفرآباد، مردان، ڪراچي، حيدرآباد ۽ پشاور به شامل آهن.
اين سي او سي موجب 10 سيڪڙو کان گهٽ شرح وارن علائقن مان پابنديون نرم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 10 سيڪڙو هاڪاري شرح وارن شهرن ۾ ان ڊور تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي. اين سي او سي چيو آهي ته گهٽ شرح وارن شهرن ۾ 300 ماڻهن سان ان ڊور تقريبون ٿي سگهنديون ۽ آئوٽ ڊور تقريبن ۾ 500 ماڻهو شريڪ ٿي سگهندا. گهٽ شرح وارن علائقن ۾ مڪمل ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ان ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي. جڏهن ته 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا تعليمي ادارا ڪرونا ايس او پيز سان گڏ کليل رهندا. ٻئي طرف ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 27 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 828 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 597 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 هزار 37 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 83 هزار 725 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 588 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button