پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ريل جي ٽڪر ۾ ڇاڇرو واسي پيرسن فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ شھيد بينظير ڀٽو اوور هيڊ برج وٽ ڇاڇري تعلقي جو رهواسي پورهيت 65 ورهين جو پيرسن اميدو ولد منجي ڀيل ڪراچي کان سکر ويندڙ مال گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس لاش کڻي تعلقي اسپتال پهچايو، اهڙو اطلاع سندس ويجهي مائٽن کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي تعلقي اسپتال پهتا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته پيرسن ڪمند جي واڍي ڪرڻ لا مزدوري سانگي پير جي ماڙي آيل هو ۽ ريل جي پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button