پاڪستانسنڌ

چمبڙ مان پرڻيل عورت مبينا اغوا، مڙس جو ٻارن سميت احتجاج

ميرپورخاص: چمبڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بھرام گپچاڻي مان ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي مبينا طور پرڻيل عورت کي اغوا ڪري ويا. عورت جي مڙس سومار ڪولھي ٻارن سميت زال جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان مظاھرو ڪيو ۽ انصاف لا دانهون ڪيون. ان موقعي تي ڳوٺاڻي سومار ڪولھي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر امام علي خاصخيلي، شاھو خاصخيلي ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن هٿيار کڻي گھر تي ڪاھه ڪري مون کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن بعد منھنجي زال سيتا ڪولھي کي زوريءَ اغوا ڪري ويا، منھنجا ٽي ٻار آهن، واقعي بعد چمبڙ ٿاڻي تي فورن دانهن ڏني، پر پوليس اڃا تائين زال کي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي. خدشو آهي ته زال جو زوري مذهب تبديل ڪيو ويندو يا وري کيس پئسن عيوض وڪرو ڪيو ويندو. ھن چيو ته بااثر سرعام آزاد گھمي رھيا آھن، جيڪي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻي چونڊيل نمائندن، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زال کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button