اسلام آبادپاڪستان

ٽيڪس نه ڏيندڙن تائين ٽيڪنالاجي وسيلي پهچنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪنالاجي ذريعي ٽيڪس نه ڏيندڙن تائين پهچندي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهو ملڪ جي وڏي طاقت ۽ وڏي مارڪيٽ هوندا آهن پر 22 ڪروڙن مان رڳو 20 لک ٽيڪس ڏين ٿا، ڪيترائي ماڻهو سٺو لائف اسٽائل سان گذاري رهيا آهن پر ٽيڪس ناهن ڏيندا. هن چيو ته هيٺئين طبقي جي حالتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا، راست سان عام ماڻهو کي سهولت ملندي ۽ احساس پروگرام ۾ به راست پروگرام جو استعمال ڪنداسين، احساس پروگرام ۾ هيٺئين طبقي تائين پهچڻ لاءِ راست جو استعمال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button