پاڪستانسنڌ

مطالبن جي مڃتا لا پيراميڊيڪل ملازمن جا مظاهرا، او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

حيدرآباد: پيراميڊيڪل الائنس سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ 2 ڪلاڪ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن سبب اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهتل مريض دربدر بڻيل رهيا، ان موقعي تي عبدالمجيد جتوئي، روي تنبولي، عبدالغفار رند ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو سڄي سنڌ ۾ او پي ڊيز جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪنداسين. ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي اندر 2 ڪلاڪ او پي ڊي جو بائٔيڪاٽ ڪري پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ علي حسن قمبراڻي، محمد نواز سميجو، گورڌن داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

قمبر ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، اصغر علي چنجڻي، علي نواز مغيري، آصف علي کوکر، رفيق منگي، پنهل ميڻو ۽ ٻين خطاب ڪيو. شهدادڪوٽ ۾ او پي ڊي جي ٽوڪن ڇڏهڙتال بعد جاويد علي مغيري، جنرل سيڪريٽري پيربخش بروهي، اضغر پٺاڻ، محمد اسحاق چشتي، اميربخش وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال جي مکيه دروازي وٽ ڌرڻو هنيو ويو. رتوديرو تعلقه اسپتال ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button