سنڌ

گڏاپ جو اسڪول 8 ورهين کان بند،ٻارڙا تعليم کان محروم

گڏاپ جي قاسم گبول ڳوٺ جو پرائمري اسڪول 8 سالن کان بند پيل آهي، علائقي جا سوين معصوم ٻار تعليم جهڙي انمول زيور کان محروم بڻجي ويا آهن. خبر موجب گڏاپ جي قاسم گبول ڳوٺ جو پرائمري اسڪول 8 سالن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري هاڻي اسڪول کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آهي، قاسم گبول ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي انمول زيور کان محروم بڻيل آهن، علائقي واسين ڪيترائي ڀيرا هر نئين ايندڙ تعليم جي وزير کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ۽ تعلقي توڙي ضلعي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ چونڊيل نمائندن کي شڪايتون ڪيون پر اڃا تائين ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن شاهد گبول، طاهر گبول، حاجي شاهنواز گبول ۽ ٻين چيو ته قاسم گبول ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا سوين ٻارڙا پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا، اوچتو پرائمري اسڪول کي بند ڪيو ويو، جنهن ڪري هاڻي اسڪول به کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسڪول بجيٽ هجڻ جي باوجود 8 سالن کان بند هجڻ ڪري کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي پر انجو مرمتي ڪم نه پيو ڪرايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته 8 سالن کان هر نئين ايندڙ تعليم جي وزير نثار کهڙو، سيد سردار شاهه، سعيد غني، تعلقي ايجوڪيشن ۽ ڊسٽرڪٽ توڙي ڊويزنل ايجوڪيشنل آفيسرن سميت ملير جي چونڊيل نمائندن کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ۽ شڪايتون ڏنيون آهن پر اڃا تائين ڪوبه تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور قاسم گبول ڳوٺ جي بند پيل اسڪول کي کولرائي ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button