سنڌ

دعا منگي اغُوا ڪيس:جوابدار اي ايس آ جو رمانڊ

جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر دعا منگي اغوا ۾ قيدي فرار ٿيڻ بابت ڪيس ۾ ملزم خالد کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت اڳيان دعا منگي اغوا ۾ قيدي فرار ٿيڻ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. پوليس ڪيس جي مدعي اي ايس آئي خالد کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. عدالت ملزم خالد کي ٻن ڏينهن واري جسماني ريماند تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته ملزم جي هدايت تي هيڊ ڪانسٽيبل نويد ۽ حبيب ظفر روپوش کي کڻي ايندا هئا، پر ملزم اي ايس آئي خالد پاڻ کي بچائڻ لاءِ مدعي بڻجي ويو. ملزم اي ايس آئي خالد حسين پوليس جي سامهون ڏوهه قبول به ڪيو آهي. جاچ دوران ملزم خالد حسين جرم ۾ شامل ڏٺو ويو. ملزم اعتراف ڪيو ته ملزم حبيب ظفر ۽ نويد ملزم کي هر ڀيري عدالت کان ٻاهر وٺي ويندا هئا. انچارج هجڻ جي باوجود اي ايس آئي خالد حسين ڪڏهن به ڪارروائي نه ڪئي پوليس موجب گرفتار ٻين جوابدارن ۾ هيڊڪانسٽيبل محمد نويد، هيڊ ڪانسٽيبل نايان احمد، هيڊ ڪانسٽيبل محمد يونس، ڪانسٽيبل حبيب ظفر ۽ عمر فاروق شامل آهن، ملزم زوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ وارو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، پوليس اهلڪار ملزم کي عدالت مان پرائيويٽ گاڏي ۾ جيل کڻي ويندا هئا، ڪيس ۾ 2 پوليس اهلڪار، ٻه منشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button