پاڪستانسنڌ

پروين رند سنڌ جي نياڻي آھي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سان پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنس جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند پنھنجي چاچي علي نواز رند، ڀا محمد اسلم رند ۽ ٻين سان گڏجي حيدرآباد ۾ سندس رھائشگاھه تي ملاقات ڪري پاڻ سان ٿيندڙ تشدد ۽ ناانصافي جا تفصيل ٻڌايا ۽ چيو ته اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا آھن. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ايس ايس پي نوابشاھه امير سعود مگسي سان فون تي رابطو ڪري کيس نياڻي پروين رند جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جو چيو. اياز لطيف پليجي چيو ته پروين رند سنڌ جي نياڻي آھي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ملاقات ۾ پروين رند انصاف لا آواز اٿارڻ تي اياز لطيف پليجي جا ٿورا مڃيا.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش ملڻ ۽ انھن تي تشدد المناڪ ۽ ڳڻتي واري صورتحال آھي پر سنڌ کي تعليم ذريعي اڳتي وٺي وڃي سگھجي ٿو، پروين رند تي تشدد ٿيو آھي، ان جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پڻ آھي پر پوليس ڄاڻايل جوابدارن کي نامزد ڪرڻ بدران نامعلوم جوابدار ڄاڻائي ايف آئي آر ۾ جھول ڪيو آھي، پوليس کي پروين رند جو بيان وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ گھرجي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، الطاف خاصخيلي، نظير بليدي، صدام سنڌي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button