پاڪستانسنڌ

تعليم کاتي عملدارن طرفان 36 سئو بند اسڪول کولڻ لا مهيني جي مهلت طلب

حيدرآباد: سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ 36 سئو اسڪول بند ڪرڻ تي تعليم کاتي جا عملدار پيش، اسڪول کولڻ لا قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش، هڪ مهيني اندر اسڪول کولڻ جي مهلت طلب، خبر موجب سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ڳوٺ احمد لغاري پرائمري اسڪول بند ڪرڻ خلاف داخل پٽيشن تي شنوائي ٿي گذري. شنوائي 2 رڪني بينچ جي جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عمر سيال ڪئي. شنوائي دوران ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم ۽ ٻيا عمدار پيش ٿيا. عملدارن رپورٽ ڏني ته ها ڪورٽ طرفان سمورا بند اسڪول کولڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي دورا ڪرڻ لا ڊويزنل سطح تي سيڪريٽري تعليم طرفان ڊائريڪٽر اسڪول پرائمري جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ڪميٽي ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر، چيف مانيٽرنگ آفيسر، لوڪل سپورٽ يونٽ آفيسر سميت 5 ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين کي لکيو آهي ته ڪميٽي اسڪولن جا دورا ڪندي، ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري سفارشون وٺي سيڪريٽري تعليم وٽ جمع ڪرائيندي. ٽي اي اوز طرفان بند اسڪولن ۽ استاد مقرر نه هجڻ جي پيش رپورٽ بعد دورا ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪئي ويندي. بند اسڪولن کي ٻيهر بحال ڪري کوليو ويندو. ڪميٽي هر مهيني دوري دوران سفارشون ۽ پنهنجي فائنڊنگ رپورٽ پڻ سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائيندي. عدالت کي عملدارن چيو ته کين اسڪول کولڻ لا مهيني جي مهلت ڏني وڃي. ان ڏس ۾ عدالت شنوائي هڪ مهيني لا ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پٽيشنر ايڊووڪيٽ راجا جهانزيب لغاري آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڳوٺ ۾ احمد لغاري پرائمري اسڪول سميت سمورا اسڪول بند آهن، تعليم کاتي پڻ رپورٽ ڏني آهي ته سنڌ ۾ 36 سئو اسڪول بند آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button