سنڌ

خيرپور ۾ عرب شڪارين کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

خيرپور جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ عرب شڪارين جي مقامي ماڻهن سان زيادتين، عرب شڪارين خلاف ريلي کي روڪڻ، تشدد ۽ ڌمڪين خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عرب شڪاري خلاف ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار عرب شهزادو همدان بن زيد، سندن مينيجر شمائل لاڙڪ سميت 16 جوابدار پيش نه ٿيا، جڏهن ته عرب شهزادن جو منشي اسد شر عدالت ۾ پيش ٿيو، عرب شهزادن جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي خيرپور پوليس کي ايندڙ پيشي تي ڪيس جي نامزد جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button