ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي نواب ولي محمد واقعي ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او عبدالحميد کوسو جي ڳوٺ الھه ڏنو کوسو پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي امير سعود مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس جا شهيد پوليس ڊپارٽمينٽ جي سر جو تاج آهن. شهيد سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو اسان لاءِ باعث فخر آھي. شهيد زندهه ھوندا آھن. شهيد عبدالحميد جي والد به بچل پور ٿاڻي تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي ھئي، سندس پٽ عبدالحميد کوسو پڻ شهيد ٿي ويو. ھن چيو ته ڌرڻي سبب اسان کي شهيد جي وارثن وٽ پهچڻ ۾ دير ٿي. شهيد عبدالحميد کوسو جي شهادت تي دلي صدمو پهتو آھي. ھن چيو ته شهيد عبدالحميد کوسو جي قتل جي ايف آئي آر ۾ پوليس پاڻ فريادي آھي، جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، اسان کي شهيدن جي قربانين تي فخر آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close