خانپورمهر ۾ هندو مساڻ وٽ بمبلي مائينر ۾ معصوم نينگر اُميش اوڏ جي ٻڏي وڃڻ وارو واقعو ڊرامو نڪتو آهي. خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او برڪت ڀٽي جي جاچ بعد معصوم نينگر کي سندس پي وزير اوڏ وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او برڪت ڀٽي ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي پٽ کي 4 لک روپين ۾ وڪڻي ٻڏي وڃڻ جو ڊرامو ڪيو. وزير اوڏ چيو ته مان پنهنجي 2 سال جي اُميش کي گهران کڻي رحيم يار خان مائٽن وٽ گهمائڻ لاءِ ويس، جتان لاهور وڃي پنهنجي پٽ کي 4 لک روپين ۾ وڪڻي آيس ۽ معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ نينگر جي ٻڏي وڃڻ جو ڊرامو ڪيو. هن چيو ته آئون شرمنده آهيان. پوليس سهڪار ڪري ته جنهن جڳھه تي پٽ کي وڪڻي آيو آهيان اتي گڏجي هلي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close