سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز عوام کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شبلي فراز عوام کي مشورو ڏيندي چيو ته عوام کي جيتري حد تائين ممڪن ٿي سگهي پيٽرول گهٽ کان گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پيٽرول ٺاهي ها يا اسان جا پيٽرول جا کوهه هجن ها ته پوءِ ٻئي ڳالهه هئي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون 95 ڊالر تائين پهچي ويون آهن، حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪوبه ٽيڪس ناهي لڳايو، هن چيو ته سخت وقت ۾ زندگي نارمل نه ٿي رهي سگهي، حڪومت ڪهڙي ڪهڙي شيءَ ۾ سبسڊي ڏئي؟ اسان جي حڪومت جي اوليت کائڻ پيئڻ جي شين تي سبسڊي ڏيڻ آهي. ڪرونا ۽ مهانگائي عالمي آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجو پاڻ کي ان ۾ ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو. شبلي فراز چيو ته سائنس واري وزارت جي ڪوشش آهي ته بجلي گهٽ کان گهٽ خرچ ئئي، بجلي گهٽ خرچ ٿيندي ته آئل جي امپورٽ گهٽ ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close